ڀٽائي آرٽ سرڪل خانپور

ڀٽائي آرٽ سرڪل، خانپور: 1979ع ۾ قائم ٿيندڙ هن آرٽ سرڪل جو بانيڪار ذوالفقار هيسباڻي هو، جيڪو خود هن آرٽ سرڪل جو ليکڪ ۽ هدايتڪار هو. هن سرڪل پاران اسٽيج تي: ’امير ۽ غريب‘، ’انسان ۽ شيطان‘ ۽ ’شريف گھنگھار‘ جھڙا مشهور ناٽڪ رچايا ويا، جن ۾ رفيق دل، لطيف دل، ايوب ملاح، احسان ميمڻ، مراد سومري ، ذوالفقار هيسباڻي ۽ ٻين اداڪاري ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو